چاڪر لاڪارو ڪوٽيرو

چاڪر لاڪارو ڪوٽيرو: ضلعي دادو، تعلقي جوهيءَ ۾ ڳوٺ جڙيي ڇُٽي کان ٽي ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ پانڌي واهيءَ واري واٽ تي ٽِڳو ٽڪر تي هڪ گول ڪوٽيرو بيٺو آهي. ان جون ديوارون به 5 کان 6 فٽ موڪريون ۽ اندريون قطر 6 فٽ آهي. هتي پڻ ڪو به ٺڪراٽو يا ڪا ڀڳل ٽٽل قديم شيءِ ڪو نه هئي، جنهنڪري آثار قديمه جي ماهرن جو اندازو آهي ته هي ماڳ تاريخ کان آڳاٽي وقت جو آهي، وڏن پٿرن جا هي ڪوٽيرا شايد ان مهل ٺهيا جڏهن اڃا ٺڪر ٺاهڻ جو طريقو معلوم نه ٿيو هو ۽ انسان چمڙي جا ٿانوَ استعمال ڪندا هئا. هن ماڳ کي شڪاري دور جو ماڳ چئي سگهجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو